ساجد سرشاري، صوفي

ساجد سرشاري، صوفي

صوفي ساجد سرشاري

صوفي ساجد سرشاري : صوفي ساجد سرشاريءَ جو اصل نالو دوست محمد ولد ولي محمد سمو، قادري ۽ تخلص ’ساجد‘ هو. هن 15 اپريل 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏو بزرگ مخدوم طالب الله قادري ٺٽي جو رهاڪو هو، ٺٽي جا اڪثر عالم ۽ سادات مخدوم طالب الله جا مريد هئا.
هن قرآن شريف جي تعليم سيد ميين شاهه جي خاندان جي ساداتن کان حاصل ڪئي. فارسي تعليم پنهنجي خاندان جي بزرگ عورتن وٽان حاصل ڪيائين. سنڌي پرائمري ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. هي نوجوانيءَ واري دور ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ کان گھڻو متاثر ٿيو ۽ ان جو سرگرم ڪارڪن رهيو. آزاديءَ جي هلچل ۾ ساڍا ڇهه مهينا ملتان جيل ۾ رهيو.
شاعريءَ ۾ الهه بخش ’سرشار‘ عقيليءَ جو شاگرد رهيو ۽ ان نسبت سان پاڻ کي سرشاري سڏايائين. صوفي ساجد سرشاري طريقت ۽ معرفت جي سلسلي ۾ صوفي نصير محمد جلالاڻيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي، جيڪو درگاهه جھوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عبدالستار (اول) جو مريد ۽ وڏو خليفو هو. صوفي عبدالستار (ثاني) جو ساجد سرشاريءَ سان گهڻو قرب هوندو هو، هي ميلي ۾ يا ٻين ڏهاڙن تي باقاعدگيءَ سان جھوڪ شريف ۾ حاضري ڀريندو هو. استاد سرشار عقيليءَ درگاهه جهوڪ شريف سان سندس عقيدت ڏسي هڪ ڀيري کيس ’صوفي‘ سڏيو ۽ ان کانپوءِ هي ’صوفي ساجد سرشاري‘ سڏائڻ لڳو.
ساجد سرشاري سڄي زندگي مشهوريءَ کان پري رهيو ۽ سنڌي شعر و ادب جي خدمت ڪندو رهيو. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ سان عشق هئس، جنهنڪري ڪراچيءَ جي ادبي تنظيمن ۽ مشاعرن ۾ سرگرم رهيو. جميعت الشعراءِ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ سان سندس گهرو واسطو رهيو. ساجد سرشاري پنهنجي وقت جو بهترين شاعر هو، غزل، نظم، قطعي ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ مجاز کان وڌيڪ تصوف جو رنگ نمايان آهي.
ساجد سرشاريءَ جي دوستن جو حلقو تمام وسيع هو، جن ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، لطف الله بدوي، احسان بدوي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد شاهه راشدي، حافظ محمد احسن چنا، سردار علي شاهه ذاڪر، محمد جمن هالو، قاضي عبدالحئي قائل سرشاري، الحاج رحيم بخش قمر، علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ الله بخش سرشار عقيليءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
صوفي ساجد سرشاري، 30 ربيع الاول 1417هه/ 16 آگسٽ 1996ع جمعي جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، سندس وصيت موجب کيس جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جي احاطي ۾ دفنايو ويو.


لفظ صوفي ساجد سرشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.04.15  عيسوي

صوفي ساجد سرشاريءَ جو اصل نالو دوست محمد ولد ولي محمد سمو، قادري ۽ تخلص ’ساجد‘ هو. هن 15 اپريل 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


1996.08.16  عيسوي

صوفي ساجد سرشاري، 30 ربيع الاول 1417هه/ 16 آگسٽ 1996ع جمعي جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، سندس وصيت موجب کيس جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جي احاطي ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حُسين بخش عرف مُڪنو خان
دودو خان
ديويڪا راڻي
سيد شوڪت علي شاهه عرف بابو شاهه
رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو
وزير علي ڀنڊ
حافظ حڪومت خان
اختر اديب
سيٺ طيب علي علوي
ٽهليو ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون